اهم خبرون

پاڪستان

February 10, 2023 11:08 am

پاڪستان کي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو: آءِ ايم ايف پڌرائي

پاڪستان کي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو، سبسڊي ختم يا گهٽ ڪرڻي پوندي، آءِ ايم ايف پاڪستان سان ٿيل ڳالهين جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي،

توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ تي به زور، آءِ ايم ايف  پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته ايڪسچينج ريٽ بهتر ٿيڻ سان پاڪستان ۾ ڊالر  جي فراهمي  بهتر ٿيندي،

پاليسين تي عمل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکيون وينديون، اضافي فنڊ جي سهولت، غريب ترين طبقي جو سماجي تحفظ وڌائڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون.

 

وڌيڪ پڙهو: