اهم خبرون

پاڪستان

February 27, 2023 1:58 pm

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي وئي

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي وئي، 4 ججز بينچ کان ڌار ٿي ويا،

جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله پاڻمرادو نوٽيس جي مخالفت ڪندي بينچ کان ڌار ٿي ويا، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي نقوي پاران به ڪيس جي ٻڌڻيءَ کان معذرت،

چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي سربراهي ۾ نئين پنج رڪني بينچ ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته  5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکندي، ڪوشش ڪنداسين ته سڀاڻي نائين وڳي ٻڌڻي شروع ڪري  هر صورت ۾ ڪيس مڪمل ڪنداسين.

 

وڌيڪ پڙهو: