ايڇ بي ايل پي ايس ايل (پاڪستان سپر ليگ) 8 جي ٻئي ايليمينيٽر ۾ پشاور زلمي ۽ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز آمهون سامهون ٿينديون.
هن ميچ جي فاتح ٽيم ڇنڇر تي فائنل ۾ ملتان سلطانز سان مقابلو ڪندي جڏهن ته هارائيندڙ ٽيم آئوٽ ٿي ويندي.
پشاور زلمي ٽاس کٽي لاهور قلندرز خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٽاس کانپوءِ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو ته جيڪڏهن ٽاس کٽي ها ته پهريان بالنگ ڪريان ها،
اڄ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس، پچ سٺي لڳي رهي آهي، اسپنرز کي مدد ملندي.