ڪراچي: سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
صوبائي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي فوري طور تي لاڳو ڪئي ويندي ۽ اها پابندي ٽن مهينن لاءِ لاڳو هوندي جڏهن ته سمورا ايس ايڇ اوز خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪندا.
نوٽيفڪيشن موجب پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان حڪم کان مستثنيٰ هوندا.