پاڪستان

February 27, 2023 3:28 pm

هڪ معزز جج جـِي آڊيو ليڪ ٿي پر اداري ڪو به جواب نه ڏنو: جسٽس منصور علي شاهه

هڪ معزز جج جـِي آڊيو ليڪ ٿي پر اداري ڪو به جواب نه ڏنو، فاضل جج خلاف سپريم ڪورٽ ۾ به ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي،

جاچ ٿيڻ تائين فاضل جج کي آرام ڏيڻ گهرجي، جهڙي انداز ۾ معزز جج پاڻمرادو نوٽيس لاءِ مامرو چيف جسٽس ڏانهن موڪليو،

لڳي ٿو ته فاضل جج جي اليڪشن مامرن ۾ غير ضروري دلچسپي نظر اچي رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه لکت ۾ آيل فيصلي ۾ پنهنجي ساٿي جج جي ڪنڊڪٽ تي سوال اٿاري ڇڏيا،

جسٽس اطهر من الله اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته وڏي وزير کي اسميبلي ٽوڙڻ جو اختيار آهي يا نه؟ ڇا ڪنهن ٽئين شخص جي ڊڪٽيشن تي اسيمبلي ٽوڙي سگهجي ٿي؟ ڇا صوبائي اسيمبليون جمهوريت جي آئيني اصولن کي لتاڙي ٽوڙيون ويون؟

جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙڻ وارو عمل غير آئيني آهن ته  اسيمبلين کي بحال ٿيڻ گهرجي، چيف جسٽس جو  اوپن ڪورٽ ۾ڏنل آرڊر  لکت واري حڪم نامي سان ڀيٽ نٿو رکي.

 

وڌيڪ پڙهو: