ڪراچي ۾ شارع فيصل تي قائم ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن دوران فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن موجب ڪراچي پوليس آفيس ۾ 8 کان 10 حملي آورن جي موجودگي جا اطلاع آهن، پوليس آفيس ويجهو فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز به ٻڌا ويا آهن ۽ هيڊ ڪوارٽر جون بتيون بند ڪيون ويون آهن.
ڪراچي پوليس آفيس ٻاهران فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي آور پوليس لائنز ذريعي داخل ٿيا ۽ دهشتگرد ڪي پي او جي پارڪنگ ايريا ۾ به موجود آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس آفيس جو گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ شارع فيصل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته منهنجي آفيس تي حملو ڪيو ويو آهي ۽ فائرنگ جو تبادلہ جاري آهي.
اسپتال ذريعن موجب فائرنگ واري هنڌ تان هڪ زخمي کي جناح اسپتال پهچايو ويو آهي، زخمي ريسڪيو اهلڪار آهي، جنهن کي 2 گوليون لڳيون آهن، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.