اهم خبرون

سنڌ

February 17, 2023 8:53 pm

ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملو ناقابل قبول آهي، وڏي وزير واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو جي آفيس تي حملي جو نوٽيس ورتو.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڪجهه دير کانپوءِ لاڳاپيل آفيسر کان واقعي جي رپورٽ چاهيان ٿو.

سنڌ جي وڏي وزير مختلف ڊي آءِ جيز کي ڪراچي پوليس آفيس ۾ پوليس فورس موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ايڊيشنل آءِ جي جي آفيس تي حملي جي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، مان پاڻ صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهيان.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري به ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي دهشتگرد حملي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهم عمارت تي حملو ڳڻتي جوڳو آهي.

سنڌ جي گورنر آءِ جي پوليس سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردن سان لوهي هٿن سان مقابلو ڪيو وڃي.

ياد رهي ته ڪراچي ۾ شارع فيصل تي واقع ڪراچي پوليس جي آفيس تي 10 جي لڳ ڀڳ دهشتگردن حملو ڪيو هو.

وڌيڪ پڙهو: