اهم خبرون

پاڪستان

February 26, 2023 5:00 pm

بارکان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي

بلوچستان جي ضلعي بارکان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب بارکان جي علائقي رخني جي بازار ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.

ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڌماڪي بعد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پوليس موجب ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو، ڌماڪي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون، موٽرسائيڪلن ۽ دڪانن کي نقصان پهتو.

وڌيڪ پڙهو: