وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل منير عاصم ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪابل جي اعليٰ سطحي وفد کي بريفنگ ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي ايجنڊا تي به غور ڪيو ويو.