سنڌ

February 11, 2023 7:41 pm

ميرپور ٻُرڙو ڀرسان ڪار سوار هٿياربند نوجوان کي اغوا ڪري ويا

ميرپور ٻُرڙو ڀرسان ڪار سوار هٿياربند نوجوان کي اغوا ڪري ويا،

مغوي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ فولاڻي بنگلاڻي جو رهواسي 20 ورهين جو نوجوان ڀُورل پتافي ڳوٺ کان علاج لاءِ شهر طرف وڃي رهيو هو ته رستي مان ڪار سوار هٿياربند کيس اغوا ڪري ويا.

مغوي جي وارثن شهباز پتافي، ڪرم الله پتافي، عبدالخالق پتافي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته نوجوان ڀُورل پتافي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

 

وڌيڪ پڙهو: