سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ٻن سالن جي ڊگري ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،
لاڳاپيل 71 ڪاليجن ۾ 2 سالن بدران 4 سالن واري گريجوئيٽ ڊگري ڪرائڻ جو حڪم، وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابو پوٽو کي قسم نامو جمع ڪرائڻ ۽ عملدرآمد ڪرائڻ جي به هدايت،
جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ چيو ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل 71 ڪاليجن ۾ 70 هزار ٻار پڙهن ٿا جن کي جعلي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن،
يونيورسٽي پاڪستان يا دنيا ۾ ريڪنگ ۾ ڪهڙي نمبر تي آهي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابو پوٽو عدالت کي جواب نه ڏئي سگهيو.