دنيا

January 26, 2023 11:58 am

ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽوئيٽر کانپوءِ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو فيصلو

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ کولڻ کانپوءِ سندس فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ به بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ميٽا چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي سوشل اڪائونٽس فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي پابندي ايندڙ هفتن ۾ ختم ٿي ويندي، اڪائونٽ بحال ڪيا ويندا.

ميٽا جي عالمي معاملن جي صدر،نک گليگ، چيو آهي ته ٽرمپ جا حامي هاڻي اهو ٻڌي سگهندا ته انهن جا سياسي اڳواڻ ڇا چئي رهيا آهن.

نک گليڪ جو چوڻ هو ته ٽرمپ جي اڪائونٽس جي بحالي جو جائزو ان نتيجي تي پهتو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر جا اڪائونٽ هاڻي عوام جي حفاظت لاءِ سنگين خطري جي نمائندگي نٿا ڪن.

واضح رهي ته اڳوڻي آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس 2021 ۾ سندس صدارت جي آخري ڏينهن ۾ آمريڪي پارليامينٽ تي حملي جي حمايت ڪرڻ کانپوءِ معطل ڪيا ويا هئا.

وڌيڪ پڙهو: