پاڪستان

January 26, 2023 10:48 am

خبر ناهي اسحاق ڊار کي ڇو آندو ويو، سندس ڪوششن سان ملڪ کي نقصان پهتو: مفتاح

ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ عجيب نظام قائم ٿي ويو آهي، اسان جا سمورا فيصلا ننڍي اشرافيه ڪري رهي آهي.

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته صحيح گورننس نه هجڻ سبب هر ملڪ اسان کان اڳتي وڃي رهيو آهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته جيستائين اختيار مقامي سطح تي منتقل نه ٿيندا تيستائين گورننس بهتر نه ٿيندي، اسان کي هيٺين طبقي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن.

اڳوڻي ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته اسان جمهوري نظام حڪومت ۽ صدارتي نظام ڏٺو آهي، آمريت به ڏٺي آهي، ملڪ ۾ عجيب اشرافيه جو نظام قائم آهي جنهن کي هٽائڻو پوندو، پاڪستان ۾، اسان نظام کي تبديل نه ڪري سگهيا آهيون، ان ڪري ذميوار به اسان آهيون.

تازو شروع ٿيل نيشنل ڊائلاگ ۽ نئين سياسي پارٽي بابت پڇڻ تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته مان مسلم ليگ ن جو حصو آهيان، ان جو ڪو به ارادو ناهي.

اسحاق ڊار کي پاڪستان آڻڻ بابت سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته خبر ناهي ته ڊار کي ڇو آندو ويو پر ڊار ڪوشش ڪئي، جنهن سان پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيو، حڪومت هاڻي ان ڳالهه تي راضي ٿي وئي آهي ته آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون مڃڻ گهرجن.

 

وڌيڪ پڙهو: