اهم خبرون

سنڌ

January 25, 2023 8:39 pm

لياري گينگ وار جو خطرناڪ ڏوهاري گرفتار

ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا، ڀتا خوري، فائرنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث لياري گينگ وار جي اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس ذريعن موجب گرفتار جوابدار اويس بلوچ پٽ اسماعيل سنگهه لائين جو رهواسي ۽ گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ جو ويجهو ساٿي آهي.

پوليس موجب گرفتار گينگ وار اويس جو نالو به سنڌ پوليس جي ريڊ بوڪ ۾ شامل آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار اويس ڪراچي آپريشن دوران ڪراچي مان پرڏيهه فرار ٿي ويو هو، جنهن کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو.

جوابدار اويس بلوچ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري، اغوا ڀنگ جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي. گرفتار جوابدار اويس بلوچ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، اهم انڪشاف جو امڪان آهي.

وڌيڪ پڙهو: