اهم خبرون

پاڪستان

January 25, 2023 5:48 pm

پوليس فواد چوڌري کي اسلام آباد پهچائي ڇڏيو

پوليس فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد کڻي وئي.

ذريعن موجب آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان پنهنجي آفيس ۾ موجود آهي ۽ آفيس جا معاملا سرانجام ڏئي رهيو آهي.

اسلام آباد پوليس فواد چوڌري کي جڊيشل مئجسٽريٽ وقاص احمد راجا جي عدالت ۾ پيش ڪندي.

جڊيشل مئجسٽريٽ وقاص احمد راجا جي عدالت وقت ختم ٿيڻ سبب بند ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد پوليس مقامي عدالت کان فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي.

ان کان اڳ اسلام آباد پوليس فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد روانو ڪيو هو.

اسلام آباد وڃڻ کان اڳ فواد چوڌري جو سروسز اسپتال لاهور ۾ طبي معائنو ڪيو ويو،

جنهن کانپوءِ پوليس کيس کڻي وئي.

 

 

وڌيڪ پڙهو: