پاڪستان تحريڪ انصاف فواد چوڌري جي گرفتاري ۽ حڪومت جي انتقامي ڪارروائين خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پارٽي جي سينيئر قيادت جو اجلاس اڄ زمان پارڪ لاهور ۾ طلب ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان موجوده صورتحال تي جوابي حڪمت عملي لاءِ پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪندو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ پارٽي جي ٻين اڳواڻن جي ممڪن گرفتارين تي ردعمل جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي ويندي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ حڪومت پاران چونڊن ۾ دير جو معاملو به غور هيٺ آندو ويندو.