پاڪستان

January 25, 2023 10:47 am

فواد چوڌري جي اسلام آباد منتقلي لاءِ راهداري رمانڊ منظور، ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم

لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي ڪينٽ ڪچري پهچايو ويو جتي عدالت پاران  راهداري رمانڊ منظور ڪري، ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پوليس فواد چوڌري کي سخت سڪيورٽي هيٺ لاهور جي ڪينٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي سندس اسلام آباد منتقلي لاءِ راهداري رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي هئي. جيڪا عدالت پاران منظور ڪئي وئي آهي.

فواد چوڌري جي وڪيل چيو ته اسلام آباد 4 ڪلاڪن جو سفر آهي، رهداري ريمانڊ جي ڪهڙي ضرورت آهي، وڃي اسلام آباد ۾ پيش ڪيو وڃي، هڪ ڏينهن جو رهداري ريمانڊ وٺي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ جو ارادو آهي.

 

 

پراسيڪيوشن چيو ته ڪوهسار پوليس فواد چوڌري خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، تنهن ڪري جوابدار کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانزٽ رمانڊ جي ضرورت آهي.

 

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته فواد چوڌري کي طبي امداد بعد اسلام آباد موڪليو وڃي.

 

 

وڌيڪ پڙهو: