پاڪستان

January 24, 2023 9:00 pm

عزير بلوچ قتل ڪيس ۾ ثبوت نه هئڻ سبب بري

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عزير بلوچ ۽ ذاڪر عرف دادا کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي اي ٽي سي لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت چيو ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

عزير بلوچ جي وڪيل عابد زمان ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته عزير بلوچ تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، جڏهن ته شاهدن جا بيان تضاد آهن.

پوليس موجب عزير بلوچ ۽ ذاڪر دادا تي رقيب گينگ جي ميمبر عمران کي قتل ڪرڻ جو الزام هو.

پوليس موجب جوابدار عمران کي 2012ع ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس ڪالاڪوٽ ٿاڻي تي داخل آهي.

عزير بلوچ هن وقت تائين 25 ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي جڏهن ته مٿس 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.

وڌيڪ پڙهو: