اهم خبرون

سنڌ

January 24, 2023 6:44 pm

ڪراچي ميونسپل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي 91 سيٽن سان سرفهرست: اليڪشن ڪميشن

ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن حتمي پارٽي پوزيشن تيار ڪري ورتي آهي، پيپلز پارٽي 229 سيٽن مان 91 سيٽن سان پهرين پوزيشن تي آهي.

جماعت اسلامي 85، تحريڪ انصاف 42، مسلم ليگ (ن) 7، جي يو آءِ 2 جڏهن ته ٽي ايل پي هڪ سيٽ کٽي، جڏهن ته آزاد اميدوار به هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

اليڪشن ڪميشن 229 يو ايس سيز ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊن جا نتيجا مرتب ڪري ورتا آهن جڏهن ته 6 يو ايس سيز جا نتيجا روڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ 6 سيٽن تي ٻڌڻي ٿيندي، 11 سيٽن تي اميدوارن جي فوتگي سبب اليڪشن نه ٿي سگهي.

مرڪزي ضلعو:

سينٽرل ضلعي جي 42 مان جماعت اسلامي 37، پيپلز پارٽي 4، تحريڪ انصاف کي هڪ چيئرمين جي سيٽ ملي آهي.

اوڀر ضلعو:

42 مان جماعت اسلامي 19، پيپلز پارٽي 14، تحريڪ انصاف 9 سيٽون حاصل ڪيون آهن.

ضلع ملير:

30 مان پيپلز پارٽي کي 20، تحريڪ انصاف کي 4، جماعت اسلامي کي 3، مسلم ليگ ن کي 2 ۽ آزاد اميدوار کي هڪ سيٽ ملي آهي.

مغربي ضلعو:

25 مان پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف کي 9، 9، جماعت اسلامي 5 ۽ جي يو آءِ 2 سيٽون حاصل ڪيون.

ڏکڻ ضلعو:

25 ۾ پيپلز پارٽي کي 15، تحريڪ انصاف کي 9، تحريڪ لبيڪ کي هڪ سيٽ ملي.

ڪورنگي ضلعو:

34 مان جماعت اسلامي 21، تحريڪ انصاف 8، پيپلز پارٽي 3، مسلم ليگ (ن) 2 سيٽون حاصل ڪيون آهن.

ڪماري ضلعو:

31 مان 26 سيٽون پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) 3، تحريڪ انصاف 2 سيٽون حاصل ڪيون.

وڌيڪ پڙهو: