اهم خبرون

سنڌ

January 24, 2023 5:54 pm

سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ وڏي عمر وارن اميدوارن جي عمر جي حد ۾ 15 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ وڏي عمر وارن اميدوارن جي عمر جي حد ۾ 15 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي ، اها رعايت 2 سالن لاءِ ڏني وئي آهي، جڏهن ته اها رعايت چٽاڀيٽي واري امتحان ۽ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ نه هوندي ، اهڙي قسم جي سمري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران منظور ڪرڻ بعد صوبائي سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ، سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ هلندڙ سال نيون ڀرتيون ڪرڻ لا۽ وڏي عمر وارن اميدوارن کي سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڀرتيءَ لاءِ 15 سالن واري خصوصي رعايت واري نوٽيفڪيشن جو مدو گذريل سال ختم ٿي چڪو هو، جنهن مدي ۾ اڄ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي 2 سالن يعني پهرين جولاءِ 2022 کان 30 جون 2024 تائين واڌ ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته هاڻي 43 سالن جي عمر وارا اميدوار به نوڪري لاءِ درخواست ڏئي سگهندا، جڏھن تہ نوڪري لاءِ وڌ ۾ وڌ عمر 28 سال آهي.

وڌيڪ پڙهو: