رانديون

January 24, 2023 5:27 pm

آءِ سي سي ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر جو اعلان ڪري ڇڏيو

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سال جي بهترين ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.

انگلينڊ جي بين اسٽوڪس کي ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم به ان ٽيم ۾ شامل آهي.

آءِ سي سي ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ عثمان خواجه، ڪريگ بريٿ ويٽ، مارنس ليبوچن ۽ جوني بيئرسٽو شامل آهن.

 

 

ان کان علاوه رشاب پنت، پيٽ ڪمنز، ڪيگيسو ربادا، ناٿن لائن ۽ جيمس اينڊرسن به هن ٽيم جو حصو آهن.

وڌيڪ پڙهو: