سنڌ

January 24, 2023 5:12 pm

ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران تڪراري معاملن تي روڊن تي نڪرڻ جو فيصلو

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان تڪراري تڪبندين، مردم شماري، ووٽر لسٽن، مڪاني ادارن جي چونڊن ۽ ٻين معاملن تي پنهنجا اعتراض واضح طور تي سامهون آڻڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ان حوالي سان پهريون پاور شو فيبروري ۾ منعقد ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مزار قائد جي ڀرسان باغ جناح ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب ڪراچي ريلي جي تاريخ جو حتمي فيصلو رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

ايم ڪيو ايم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ به طاقت ڏيکاري ويندي.

واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان 15 جنوري تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو.

وڌيڪ پڙهو: