سنڌ

January 24, 2023 4:51 pm

سنڌ ۾ اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي نه آئي

سنڌ ۾ اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي نه آئي، دڪاندارن ۽ چڪي مالڪن پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سستي اٽي لاءِ لڳايل اسٽالن تان اٽو نه ملڻ خلاف شهرين ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرا ڪيا.

سنڌ ۾ اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي نه آئي، غريب ماڻهو  سستو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ دربدر آهن، دڪاندارن ۽ چڪين جي مالڪن سنڌ سرڪار جي حڪمن تي عمل نه ڪيو، سرڪاري اگهه 95 رپيا في ڪلو  تي اٽو وڪڻڻ بدران  پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، 130 رپيا في ڪلو جي اگهه تي اٽي جو وڪرو   جاري آهي.

ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلي ۽ ڍورو نارو ۾ سستي اٽي لاءِ لڳايل اسٽالن تان اٽو نه ملڻ خلاف شهرين ۽ ڳوٺاڻن  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهن تي اٽو فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: