اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بريڪ ڊائون تي قوم کان معافي گهري ورتي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل ڏينهن بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهرين کي پهتل تڪليف تي حڪومت معذرت خواه آهي.
On behalf of my government, I would like to express my sincere regrets for the inconvenience our citizens suffered due to power outage yesterday. On my orders an inquiry is underway to determine reasons of the power failure. Responsibility will be fixed.
— Shehbaz Sharif (@CMShehbaz) January 24, 2023
وزيراعظم چيو ته منهنجي حڪم تي بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ هلي رهي آهي ۽ ان حوالي سان ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو.