وفاقي حڪومت عمر ڪوٽ ، کوکر اپار روڊ جو بند ٿيل ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه سان مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري روڊ جو ڪم شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير اسعد محمود اين ايڇ اي جي ٽيم سان گڏ ڪراچي پهچي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.
KARACHI: Sindh Chief Minister Syed Murad Ali Shah and Federal Minister for Communication Asad Mahmood along with their respective teams discuss timely completion of different road schemes being executed by #NHA in Sindh here at CM House. pic.twitter.com/9lqm6Av0k6
— Sindh Chief Minister House (@SindhCMHouse) January 24, 2023
ملاقات ۾ جاري منصوبن ۽ انهن جي مسئلن جي حل بابت ڳالهيون ڪيون ويون، وفاقي وزير اسعد محمود چيو ته ٽيم سان گڏ آيو آهيان ته جيئن روڊن جي اسڪيمن کي تيز ڪري سگهجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ، وفاقي وزير کي ٻڌايو ته عمرڪوٽ کان کوکرا پار تائين 40 ڪلو ميٽر روڊ جو ڪم سالن کان بند پيل آهي.
وفاقي وزير اسعد محمود ، وڏي وزير مراد علي شاهه کي روڊ جو بند پيل ڪم ٻنهي پاسن کان شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي اين ايڇ اي کي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي…….