پاڪستان

January 24, 2023 2:42 pm

ٻوڏ سبب پاڪستان جو 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو

پاڪستان، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کان هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جو 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿي چڪو آهي، دنيا موسمياتي تبديلي، معاشي ۽ اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تاشقند ۾ او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي  بحالي لاءِ به اسان قدم کڻي رهيا آهيون.

بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ متاثرن ۽ معيشت جي بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، هاڻوڪا قدم اسان جي مستقبل جو طعين ڪندا.

 

 

 

وڌيڪ پڙهو: