پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تعليم جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي، دنيا ۾ هم آهنگي ۽ امن برقرار رکڻ لاءِ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال 24 جنوري تي تعليم جو عالمي ملهايو ويندو آهي.
ان موقعي تي صدر پاڪستان سوشل ميڊيا جي پليٽفارم ٽوئيٽر تان قوم لاءِ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ‘ تعليم انساني ترقي جو هڪ اهم عنصر ۽ پاڪستان جي هر شهري جو بنيادي حق آهي’ هن وڌيڪ چيو ته تعليم جو تعلق ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي سان آهي.
صدر مملکت ڈاکٹر عارف علوی کا عالمی یوم تعلیم کے موقع پر پیغام
تعلیم انسانی ترقی کا ایک اہم عنصر اور پاکستان کے ہر شہری کا بنیادی حق ہے، صدر مملکت
تعلیم کا ملک کی معاشی اور سماجی ترقی سے گہرا تعلق ہے، صدر مملکت pic.twitter.com/waqodNWTOF
— The President of Pakistan (@PresOfPakistan) January 24, 2023
هن سال 2023ع جي ڏينهن تي گڏيل قومن جو تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي ادارو (يونيسڪو) جو موضوع آهي ‘To invest in people, prioritise education.’ گڏيل قومن عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته تعليم جي عالمي ڏينهن تي افغانستان جي حقيقي حڪمرانن کي ياد ڏيارين ته کين ‘ افغان ڇوڪرين کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي’.