پاڪستان

January 24, 2023 10:52 am

پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن.

ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر استعيفيٰ ڪجهه ڏينهن اڳ منظوري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي هئي.

هاڻي رڳو تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊيل منحرف ميمبر قومي اسيمبلي ۾ رهجي ويا آهن.

 

وڌيڪ پڙهو: