نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي بري ڪرڻ وارو لکت ۾ فيصلو جاري،
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 42 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، 7 جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽس جاري،
عدالتي فيصلي موجب ڪيس ۾ شڪ شبها آهن، جن جو فائدو جوابدارن کي وڃي ٿو، اصول آهي ته غلطيءَ سان ڪنهن کي سزا ڏيڻ بدران بريت وارو فيصلو بهتر آهي،
رائو انوار کي ڪيس ۾ پيشيوراڻي ساڙ سبب ڦاسايو ويو، ڪنهن به گواهه کيس نه سڃاتو هو….