هڪ هفتو گذرڻ باوجود اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن جو اعلان نه ڪري سگهيو.
اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جا حتمي نتيجا اڃا تائين تيار نه ڪيا آهن.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسرن ميڊيا سان رابطي کان پاسو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان ووٽر ٽرن آئوٽ ۽ حتمي پارٽي پوزيشن ظاهر نه ٿي سگهي آهي.
ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ 15 جنوري تي مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون.