اهم خبرون

پاڪستان

January 23, 2023 9:39 pm

عمران خان پاڪستان لاءِ غضب هو، نواز شريف

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان پاڪستان لاءِ غضب آهي.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عمران خان جي ڳالهين کي ڇڏي ڏيو، هن شخص پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.

نواز شريف چيو ته اهڙن قيدين مان جان ڇڏائڻ هر پاڪستاني جي ذميواري آهي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز طنزيه انداز ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن جي نالي تي اعتراض آهي ته فرح گوگي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻايو وڃي.

مريم نواز چيو ته فرح گوگي کي پنجاب هلائڻ جو تجربو آهي.

اڳواڻ ن ليگ وڌيڪ چيو ته محسن نقوي جي مقرري کانپوءِ هاڻي عمران خان جو روئڻ شروع ٿي ويو آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: