شوبز

January 23, 2023 9:28 pm

اميتاڀ بچن کي سعودي عرب ۾ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو

بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن کي سعودي عرب ۾ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

رياض ۾ جوائي ايوارڊز جي رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي فنڪارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اميتاڀ بچن چيو ته سئنيما ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۽ انساني سماج کي هموار ڪرڻ جو ذريعو آهي.

80 سالن جي اميتاڀ بچن کي سندس 60 سالن جي ڪامياب فلمي ڪيريئر ۽ بالي ووڊ فلم انڊسٽري جو عالمي سفير بڻجڻ تي ايوارڊ ڏنو ويو.

جوائي ايوارڊز سعودي عرب جي جنرل انٽرٽينمينٽ اٿارٽي پاران منظم ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ پڙهو: