سنڌ

January 23, 2023 9:02 pm

حبيب الله سهگ ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جو قائم مقام ڪنٽرولر آف ايگزامنيشن مقرر

ڊپٽي ڪنٽرولر بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي (بي ايس اي ڪي) حبيب الله سهگ کي وقتي ڪنٽرولر امتحانن جو مقرر ڪيو ويو آهي.

هن کي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير اسماعيل راهو جي هدايت تي چيئرمين بورڊ شرف علي شاهه مقرر ڪيو آهي.

حبيب الله سهگ کي عمران بٽ جي جاءِ تي ميٽرڪ بورڊ جي امتحانن جو وقتي ڪنٽرولر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته عمران بٽ هاڻي ڊپٽي ڪنٽرولر جا فرض سرانجام ڏيندو.

وڌيڪ پڙهو: