بچاءَ واري وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ واري معاملي تي تحريڪ انصاف جي يوٽرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته جيڪي استعيفائون توهين رسالت سان ڏنيون ويون، هاڻي اهي ئي استعيفائون واپس وٺڻ جا خواهشمند آهن.
خواجا آصف چيو ته عمران خان ۾ شرم ۽ حياءَ جهڙي ڪا به شيءِ ناهي، هوري چوي ٿو ته هاڻي 70 سيٽن تي اليڪشن وڙهندو ۽ پوءِ استعيفيٰ ڏيندو.
بچاءَ واري وزير چيو ته اهڙو ڪو به دانشور نٿو ڪري سگهي، عمران خان جو ذهني توازن درست ناهي.