پاڪستان

January 23, 2023 4:31 pm

بجلي جو بريڪ ڊائون، ملڪ ۾ موبائل فون سروس به متاثر

بجلي جي بريڪ ڊائون کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ موبائل فون سروس به متاثر ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب ڪراچي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون کانپوءِ موبائل فون ڪمپنين جي سروس به متاثر ٿي رهي آهي، ڪيترين ئي موبائل فون ڪمپنين کي سگنل نه هجڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيلي ڪام ڪمپنيون خدمتون جاري رکڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن.

ٽيلي ڪام انڊسٽري موجب صبح کان موبائيل نيٽ ورڪ جي انسٽاليشن بيڪ اپ پاور تي هلي رهي آهي، نيٽ ورڪ گهڻي دير تائين بيڪ اپ پاور تي نٿو هلي سگهي.

ٽيلي ڪام سروسز کي جاري رکڻ لاءِ نيشنل گرڊ مان بجلي جي جلد کان جلد بحالي ناگزير آهي.

ان کان علاوه ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ٽريفڪ سگنلز به ڪم نه پيا ڪن، ٽريفڪ پوليس شهرين کي احتياط سان گاڏي هلائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

لاهور ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون به متاثر، ايمرجنسي وارڊن ۾ جنريٽر بند ٿيڻ شروع، آپريشن ٿيٽر به متاثر، سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ ٽيسٽ نه ٿي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: