پاڪستان

January 23, 2023 4:26 pm

نقيب الله قتل ڪيس، رائو انوار سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي رائو انوار سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

ڪيس ۾ مدعي ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد 14 جنوري تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

جوابدارن ۾ ڊي ايس پي قمر احمد، امان الله مروت ۽ ٻيا شامل آهن.

نقيب الله قتل ڪيس جي فيصلي کانپوءِ عدالت ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.

وڌيڪ پڙهو: