سنڌ

January 23, 2023 3:34 pm

ناليوارو ليکڪ گل حسن ڪلمتي جگر،گردي ۽ ٽيومر جي عارضي ۾ مبتلا، سرڪار پاران علاج ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي، رپورٽ وحيد راڄپر

ناليوارو ليکڪ گل حسن ڪلمتي جگر،گردي ۽ ٽيومر جي عارضي ۾ مبتلا، ناليواري ليکڪ جو سمورو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو اعلان.

ڪي ٽي اين نيوز مطابق وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي صحت کاتي ناليواري ليکڪ گل حسن ڪلمتي جو سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ ڊائو يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس کي خط لکي ڇڏيو آهي.

ناليواري ليکڪ گل حسن ڪلمتي جو چوڻ آهي ته آئون پنھنجي علاج جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوششن کان مطمئن آھيان.

ٻئي طرف ناليواري ليکڪ بابت ڪراچي جي صحافي تصوير سنديلي لکندي ٻڌايو آهي ته گل حسن ڪلمتي ‘ڪراچي سنڌ جي مارئي’  ڪتاب لکي سنڌ جي گادي واري شھر جي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي، نه رڳو ايترو پر نئين ڪراچي، قديم ڪراچي، خوبصورت ڪراچي ۽ 47 کانپوء بدصورت بڻايل ڪراچي اهو سڀ ڪجهه ان ڪتاب ۾ ڏسي ۽ سکي سگهجي ٿو, گل حسن جي ان ڪتاب ۾ موکي متارا، قادو مڪراني، ميوا شاه جو مقام، ڊملوٽي جا کوهه، جهانگير پارڪ، ٽاور، ڪراچي ۾ ٽرام ۽ ريل گاڏين تي رپورٽن ۽ ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ ۾ صحافين جي بنيادي مدد ۽ معلومات فراهم ڪئي، هي اهڙو محقق آھي جنهن کي ماڳن ۽ مڪانن سان وڏي محبت آھي جو انهن جي تياري ۽ تباهي کي اکين سان ڏسي گهمي ڦري پو انهن جي تاريخ لکندو آھي.

 

 

وڌيڪ پڙهو: