پاڪستان

January 23, 2023 2:05 pm

چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ آرٽيڪل 105 جي ڀڃڪڙي آهي: فواد چوڌري

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسيمبلي ٽوڙڻ بعد چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ آرٽيڪل 105 جي ڀڃڪڙي آهي، فوري طور چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري  چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ بعد گورنر پنجاب چونڊن جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو.

هن چيو، خيبرپختونخواهه ۾ به گورنر تاريخ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، گورنر تاريخ جو اعلان نه ڪري آرٽيڪل 105 جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت پنهنجا ماڻهو مقرر ڪرڻ باوجود چونڊن کان فرار آهي، سندن عوام ۾ اڪثريت ڪيتري آهي، ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي……..

 

وڌيڪ پڙهو: