پاڪستان

January 23, 2023 12:57 pm

پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڌرڻو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي اسپيڪر هائوس وڃڻ کان روڪڻ تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڌرڻو  هڻي ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جي وڃ معطل ٿي وئي.

پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي ميمبر عامر ڊوگر جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ هائوس پهتا، پر سڪيورٽي اهلڪارن پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.

ڌرڻي سبب خيبرپختخواهه هائوس، پنجاب هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان هائوس طرف ويندڙ رستو بند ٿي ويو.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر چيو ته اڄ 45 اسيمبلي ميمبر اسپيڪر آفيس ۾ آيا، اسان چاهيون ٿا ته قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري يا اسپيڪر اسان سان ملاقات ڪري استعيفيٰ واپس وٺي.

 

وڌيڪ پڙهو: