پاڪستان

January 23, 2023 12:45 pm

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار

اٽارني جنرل جي مقرري نه ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت ايتري نااهل آهي جو اٽارني جنرل به مقرر نه ٿي ڪري سگهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪسٽم اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿيو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇا ڪئي ته اٽارني جنرل مقرر ٿيو آهي؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊپٽي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڳالهيون ائين ڪري رهيا آهيو، جئين اسان ڪو مشڪل آئيني سوال ڪيو هجي.

جسٽس اٽارني جنرل چيو ته حڪومت ايتري نااهل آهي جو اٽارني جنرل به مقرر نه ٿي ڪري سگهي، ٻڌايو وڃي ته اٽارني جنرل جي مقرري لاءِ حڪومت ڪنهن سان بارگين ڪري رهي آهي؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته گاڏي ڪير کيسي ۾ وجهي ناهي ايندو نه وري اڏاري ايندو آهي، جڏهن گاڏي ايندي آهي ته پويان لڳي ويندا آهيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته گاڏي ڪيئن آئي ان جو ڪو به جواب ناهي، اوهان چمن بارڊر تي وڃي ڏسو ته گاڏيون ڪئين ٿيون اچن، جنهن تي ڪسٽمز جي وڪيل چيو ته ان حوالي سان پشاور هاءِ ڪورٽ جو هڪ فيصلو موجود آهي.

عدالت پڇا ڪئي ته اوهان قانون ٻڌايو، عدالت قانون ناهي ٺاهيندي پر ان جي تشريح ڪندي آهي، جيڪڏهن ڪا گاڏي غيرقانوني طريقي سان ايندي ته اها ڪسٽسم جي دائري ۾ ايندي آهي، پر اوهان اهو جواب ناهيو ڏيندا ته گاڏي ڪيئن آئي آهي.

سپريم ڪورٽ جعلي نمبر پليٽ واري گاڏين خلاف ڪسٽمز جي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت پاڪستان ڪسٽمز پاران گاڏي ضبط ڪرڻ واري اپيل به رد ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: