بين الاقوامي

January 23, 2023 12:25 pm

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ 10 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار مارجي ويو

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ 10 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار مارجي ويو، لاس اينجلس پوليس موجب، جوابدار جو لاش وين مان هٿ آيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ نئين سال جي جشن تقريب دوران فائرنگ ۾ 10 ڄڻن کي قتل ڪندڙ مبينا جوابدار مارجي ويو.

لاس اينجلس پوليس موجب، وين ويجهو فائرنگ جو آواز ٻڌڻ آيو، جڏهن پوليس اهلڪار پهتا ته وين لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ 72 ورهين جي هوڪين تران نالي سان ٿي.

پوليس موجب،  جوابدار تقريب ۾ فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪلب ۾ فائرنگ ۾ 5 مرد ۽ 5 عورتون مارجي ويون هيون، 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا

وڌيڪ پڙهو: