پاڪستان

January 23, 2023 11:59 am

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد قيصر جي ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد قيصر جي ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته چالان پيش ٿي چڪو آهي، معاملو ٽرائل ڪورٽ ۾ آهي، ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪجي ٿي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد قيصر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اسد قيصر جو وڪيل پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اسد قيصر موقعي تي موجود ئي نه هو، کيس ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو يو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته الزام ڪهڙو آهي، ڇا ايف آءِ آر ۾ اسد قيصر جو نالو آهي، عدالت جي پڇڻ تي وڪيل ايف آءِ آر جي ڪاپي پڙهي ٻڌائي.

جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته چالان پيش ٿي چڪو آهي، معاملو ٽرائل ڪورٽ ۾ آهي، ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪجي ٿي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد قيصر جي ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

وڌيڪ پڙهو: