پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ۾ رهيل 44 ايم اين ايز پاران استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسد عمر ايم اين ايز جي لسٽ ٽويٽر تي شيئر ڪندي چيو آهي ته پارٽي چيئرمين جي هدايت تي 44 ايم اين ايز جي استعيفيٰ واپس وٺڻ واري فيصلي بابت اسپيڪر کي ميل ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ۾ رهيل 44 ايم اين ايز پاران استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
کیونکہ سپیکر ابھی تک تمام اسمبلی ارکان کے استعفے قبول نہیں کر رہے، اس لئے پارٹی چیئرمین کی ہدایات کے مطابق 44 ارکان اسمبلی نے اپنے استعفے واپس لینے کا فیصلہ سپیکر قومی اسمبلی کو ای میل کر دیا ہے. اگلا قدم اپوزیشن لیڈر کی نامزدگی ہو گی. pic.twitter.com/qx86MCyTBK
— Asad Umar (@Asad_Umar) January 23, 2023
اسد عمر ايم اين ايز جي لسٽ ٽويٽر تي شيئر ڪندي چيو آهي ته ايندڙ قدم اپوزيشن ليڊر جي نامزدگي هوندو.
اسد عمر چيو ته پارٽي چيئرمين جي هدايت تي 44 ايم اين ايز جي استعيفيٰ واپس وٺڻ واري فيصلي بابت اسپيڪر کي ميل ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي 35 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون هيون، جنهن بعد پي ٽي آءِ جي استعيفيٰ منظور ٿيل ميمبرن جو تعداد 79 ٿي ويو آهي……