سنڌ

January 23, 2023 11:25 am

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ برفباري سبب ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

مٿانهين وارن  علائقن ۾ برفباري سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي سبب گاڏين جي رواني متاثر  رهي.

ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، پارا چنار، وادي ڪرم وارن علائقن ۾ هڪ فٽ تائين برفباري سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.

وادي نيلم، ايبٽ آباد، نٿيا گلي، ايوبيا، گليات ۾ به وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب، ٿڌ ۾ اضافو ٿيو آهي.

آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ برفباري سبب وادي ليپا جو ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

ٻئي طرف سڄي سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، گادي واري شهر ڪراچي ۾ به جهڙالي معصوم سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

سنڌ جي ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي  جو راڄ برقرار رهيو،جنهن سبب گاڏين جي اچ وڃ متاثر رهي……

وڌيڪ پڙهو: