ملير جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار مبينا پوليس مقابلن ۾ 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب، گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.
ملير جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلا، 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
قائد آباد لڳ ماروي ڳوٺ ۾ ڌار ڌار مقابلن ۾ پوليس 2 جوابدارن شهباز ۽ ڪاشف خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
ابراهيم حيدري پوليس مقابلي ۾ پرويز ۽ عقيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، موبائل فونز ۽ ٻيو ڦر ڪيل قيمتي سامان هٿ ڪيو آهي، جن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي….