اهم خبرون

سنڌ

January 23, 2023 10:57 am

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 7 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي جي سپلائي بحال نه ٿي سگهي

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 7 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي جي سپلائي بحال نه ٿي سگهي، ان حوالي سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير جو چوڻ آهي ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي جزوي بحالي ٿي چڪي آهي، باقي مڪمل بحالي ۾ 12 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا،

ڪي ٽي اين نيوز موجب اڄ صبح ساڍي 7 وڳي سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي جي اڪثر شهرن جي بجلي بند ٿي وئي جيڪا 7 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال نٿي سگهي آهي

جڏهن ته ڪراچي، حيدر آباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ صبح ساڍي ستين وڳي کان بند ٿيل بجلي اڃا بحال نه ٿي آهي.

لاهور، پشاور، ڪوئيٽا سميت ٻين شهرن جي به بجلي بند ٿيل آهي.

پاور ڊويزن ذريعن موجب، نيشنل گرڊ جي سسٽم  فريڪوئنسي گهٽ ٿيڻ سبب بجلي جو ڪريڪ ڊائون ٿيو.

ذريعن موجب،  گڊو کان ڪوئيٽا ويندڙ وڏي ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي سبب بلوچستان ۾ وڏو بريڪ ڊائون ٿيو.

پاور ڊويزن ذريعن موجب، سسٽم جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي.

ذريعن موجب، هڪ ڪلاڪ دوران اسلام آباد سپلاءِ ڪمپني ۽ پشاور سپلاءِ ڪمپني جي گرڊ اسٽيشنن کي بحال ڪيو ويو آهي.

پاور ڊويزن ذريعن موجب، بجلي جي فريڪوئنسي گهٽ ٿيڻ سبب ڪيڪيڊنگ ٿي، ڪيسڪيڊنگ سبب ڪيترائي پاور پلانٽ ٽرپ ٿي ويا.

ذريعن موجب، پاور پلانٽس بند ٿيڻ سبب سنڌ، ڏکڻ پنجاب، سينٽرل پنجاب ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي.

ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي 22 ضلعن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي.

ٻئي طرف سنڌ جي گادي واي شهر ڪراچي جي گلستان جوهر، گلشن جمال، راشد منهاس ۽ ملير ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي.

حيدرآباد ۾ ڄامشورو گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي سبب بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون، بجلي جي فراهمي معطل آهي.

حيدرآباد: ڄامشورو اين ٽي ڊي سي گرڊ اسٽيشن 500 ڪي وي جو سرڪٽ اڄ صبح 7:35 تي ٽرپ ٿيو، ترجمان حيسڪو

حيسڪو ترجمان چيو آهي ته حيسڪو جي سمورين 78 گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي بند آهي.

ترجمان موجب، اين ٽي ڊي سي عملي بجلي جي بحالي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: