آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي مانيٽري پارڪ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
بين الاقوامي ميڊيا رپورٽون، اکين ڏٺن شاهدن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته فائرنگ گاروي ايونيو جي هڪ ڊانس اسٽوڊيو ۾ رات 10 وڳي کانپوءِ ٿي.
رپورٽ موجب ايشيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ هن علائقي ۾ آباد آهي.
جنهن هنڌ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، اتي چيني قمري نئون سال ملهايو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويلن جو تعداد هڪ درجن کان مٿي هو.
رپورٽ موجب فائرنگ جي ان واقعي ۾ 16 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پوليس جو وڏو انگ حادثي واري هنڌ پهچي ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.