پنجاب جو نگران وڏو وزير ڪير ٿيندو؟، فيصلو اڄ ٿيندو، اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ پارلياماني ڪميٽي پاران موڪليل نالن احمد نواز سکيرا، نويد اڪرم چيمه، احد چيمه ۽ محسن نقوي جي نالن تي غور ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن اجلاس بعد چئني نالن مان ڪنهن هڪ کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪندو، پنجاب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ نگران وڏي تي اتفاق نه ٿي سگهيو هو.