سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي جي علائقي خمبرا مان 4 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو.
لوڌران سان تعلق رکندڙ 4 ڄڻا ڪچي واري علائقي ۾ مني ٽرڪ خريد ڪرڻ آيا هئا.
گذريل ڏينهن وڏي انگ ۾ شهرين کي يرغمال بڻائڻ جي اطلاع تي اوباڑو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ڌاڙن خلاف آپريشن ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.
پوليس موجب سينيئر پوليس اهلڪارن سميت پوليس 6 هٿياربند گاڏين سان گڏ اوباڑو واري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.
ڌاڙيلن واپارين کي اغوا ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي ٽريڪٽر وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.