پاڪستان

January 22, 2023 3:39 pm

عوام عمران خان کي زڪوات جا پئسا خانگي هائوسنگ سوسائيٽي لاءِ نه ڏنا هئا: وفاقي وزير مريم اورنگزيب

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام عمران خان کي زڪوات جا پئسا خانگي هائوسنگ سوسائيٽي لاءِ نه ڏنا هئا، ٻين تي چوري جا الززم لڳائيندڙ پاڻ خيرات جي پيسن جي چوري جو  اعتراف ڪري ورتو آهي.

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻين تي چوري جا الزام لڳائيندڙ پاڻ خيرات جي پيسن جي چوري جو  اعتراف ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته عوام عمران خان کي زڪوات جا پئسا خانگي هائوسنگ سوسائيٽي لاءِ نه ڏنا هئا.

وفاقي وزير چيو ته لکين ڊالرن جي خيرات استعمال ڪرڻ لاءِ شوڪت خانم بورڊ جي منظوري به نه ورتي وئي.

وفاقي وزير چيو ته جعلي صادق ۽ امين 30 لک ڊالر جي رقم هائوسنگ منصوبي ۾ لڳائڻ جو اعتراف ڪيو.

مريم اورنگزيب چيو ته، ڪوڙو، فراڊي، زڪوات چور چئي ٿو ته توشا خانا مان چوري ڪئي ته پوءِ ڇا ٿيو؟.

وڌيڪ پڙهو: